اٽي اگهه ۾ واڌ جو پاڻمرادو نوٽيس،عوام اٽي لاءِ ڌڪا کائي رهيو آهي: پشاور هاءِ ڪورٽ

پشاور(م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اڪثر شهرن ۾ چڪي مالڪن اٽي جو اگهه 160 رپيا ڪلو مقرر ڪري ڇڏيو، مختلف شهرن ۾ شهري سستي اٽي لاءِ ڊگهين ڊگهين قطارن ۾ لڳڻ تي مجبور آهن،بنون ۾ اٽو نه ملڻ خلاف ڪوهاٽ چورنگي تي  احتجاج ڪيو ويو، ضلعي خيبر جي مختلف هنڌن تي به شهرين مظاهرا ڪيا، جمرود باءِپاس تي عورتن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، لنڊي ڪوتل ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، هوڏانهن پشاور هاءِ ڪورٽ وفاقي، صوبائي سيڪريٽري خوراڪ، ڊائريڪٽر خوراڪ کي اڄ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ چيو ته عوام اٽي لاءِ در در جا ڌڪا کائي رهيو آهي، ڪو پڇڻ وارو ناهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويون آهن، عدالت چيو ته ڇا ڪي پي ۾ ڪو خوراڪ وارو وزير آهي، حڪومت ڊالرن پٺيان ڀڄي ٿي، پر عوام کي ڪجهه نه پئي ڏئي، ٻئي پاسي خيبرپختونخوا حڪومت ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڄ کان اٽو نه ڏيندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائي جو به اعلان ڪيو ويو آهي، خوراڪ واري وزير عاطف خان چيو ته صوبي ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ناهي، مسئلو اگهه جو آهي، پاسڪو پاران جيڪو اٽو افغانستان وڃي رهيو آهي، ان تي به سختي ڪنداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.