اٽي بحران خلاف سنڌ ۾ احتجاج، ماڻهو گاريون پيا ڏين

اسلام آباد/ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) ڪراچي کان پشاور تائين سڄي مُلڪ ۾ اٽي جي بحران تي ضابطو نه آيو، سستي اٽي جي چڪر ۾ غريب د در جا ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي اگهه ۾ ڏهه رُپيا في ڪلو لاٿ آئي آهي پر اَٽي جي قيمت ۾ گهٽتائي ناهي اچي سگهي، شهر ۾ چڪي واري اَٽي جي قيمت 155 رُپيا کان 160 رُپيا ڪلو برقرار آهي. هوڏانهن بلوچستان ۾ ڪڻڪ  جو بحران ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندو پيو وڃي ۽ بحران سبب اَٽو سرڪاري اگهن تي نه ملڻ تي شهرين جو صبر جواب ڏئي چڪو آهي بيروزگاري واري صورتحال ۾ پورهيتن ۽ سفيد پوش ماڻهن جي لاءِ هڪ ويلو ماني کائڻ به امتحان بڻجي ويو آهي، اٽي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف کدڙا فقير به روڊن تي نڪري آيا آهن، حڪومتي دعوائن باوجود اٽي جو اگهه گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو آهي، ڪالهه تائين اٽو 160 رپين کان وڌي 170 رپين تائين پهچي ويو آهي، خوراڪ جي کوٽ وارو مسئلو شدت اختيار ڪرڻ لڳو آهي، اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جي نتيجي ۾ پورهيت ۽ سفيد پوش ماڻهو ذهني پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هاڻ اٽو بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، فلور ملن ۽ اٽي چڪين جا مالڪ عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا آهن ۽ صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي. حيدرآباد سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي نه آئي پر اگهه وڌي رهيو آهي، اٽي جو اگهه 160 رپين کان وڌي 170 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، مهانگائي عوام کي هيڻو ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد ۾ دڪانن تي ڪڻڪ جو في ڪلو اٽو 170 رپين تائين وڪرو ڪيو پيو وڃي، حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا طرفان اٽي جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو نه آڻڻ سبب پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي. اٽي جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري حڪومت پاران ڪجهه مخصوص هنڌن تي رعايتي اٽي جي اسٽالن وارين گاڏين تي عوام تذليل جو شڪار ٿي رهيو آهي، وڏين قطارن ۾ عورتون، ٻارڙا توڙي پيرسن ماڻهو ڪلاڪن تائين انتظار ڪندي نظر اچن ٿا، ڌڪا ٿاٻا کائڻ باوجود ڪيترائي ماڻهو خالي هٿين واپس نوٽي وڃن ٿا ۽ اٽو ختم ٿي وڃي ٿو، اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف پورهيت ۽ مسڪين ماڻهو ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهن، پر انهن احتجاج باوجود اٽي جا اگهه گهٽجڻ بجاءِ روز وڌي رهيا آهن، دولتپور صفن ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪن يار محمد ٻگھيو ، اسد علي ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ اٽي جي کوٽ برقرار، ضلعي انتظاميه طرفان سستي اٽي جي فراهمي لاءِ قائم ڪيل سينٽر توڙي اسٽال به شهرين کي لاڀ ڏئي نه سگهيا جنهن ڪري شهري اٽي جي لپ لاءِ پريشان آهن، ڊپٽي ڪمشنر جي اضافي چارج رکندڙ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رابعه سيال فلور ملن ۽ انتظاميه جي لڳل سينٽرن جو دورو ڪري اٽي جي کوٽ جو اعتراف ڪندي شهرين کي سستي اگهه تي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، شهري اٽي جي کوٽ خلاف روڊن تي نڪري سراپا احتجاج بڻيل بڻجي ويا ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون لاڙڪاڻو رابعه سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتراف ڪندي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ واقعي اٽي جي کوٽ جو مسئلو آهي پر اهو مسئلو پوري پاڪستان ۾ آهي، اٽي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جوڳا قدم کڻي لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ 42 هزار 513 ميٽرڪ ٽن ڪوٽا مختص ڪئي آهي جنهن مان انتظاميه جي سينٽرن، اسٽالن ۽ فلور ملن جي ذريعي عوام کي 10 ڪلو جي اٽي واري ٻوري جي قيمت 650 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي هوڏانهن لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن وارن علائقن جي رهواسي مردن ۽ عورتن پنهنجي ٻارن سان گڏجي اوور هيڊ برج وٽ قائم سرڪاري اٽي جي فراهمي واري سينٽر تي اٽي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي شهر جي دڙي محلا، باقراڻي روڊ، الهه آباد، خالق ڪالوني، شاهو ٻوراهو، ٻچو ٻوراهو، اوٺا چوڪ ۽ ٻين علائقن سان واسطو رکندڙ سيد رفيق شاهه، حاجي مينهل جتوئي، عبدالحميد ميراڻي، علي خان جتوئي، اعظم خان جتوئي، سومري خاتون بروهي، روزينه سانڊاڻو ۽ ٻين چيو ته ضلعي انتظاميه طرفان شهر ۾ سستي اٽي جي فراهمي لاءِ سينٽر قائم ڪيا جيڪي گهڻي قدر بند ٿي ويا آهن، هوڏانهن  پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو طرفان ڪالهه ٻئي ڏينهن به سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ، مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن لياقت علي عمراڻي، محراب علي ڀٽو، عبدالستار جاگيراڻي، محمد سليم چنو، ليديز ونگ اڳواڻ پروين چانڊيو، عبدالحميد لهڙي، روشن علي سومرو، رستم علي شاهه، وريام چنه، ديدار سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو، مٺي ۾ عوامي تحريڪ طرفان اٽو ۽ روزمرھ جي وڌندڙ شين جي اگھن ۾ اضافي خلاف بلال پارڪ کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو،ريلي شھر جي مختلف مارڪيٽن کان ٿيندي ڪشمير چوڪ پھتي،جتي اٽي جي اگھن ۾ ھٿرادو واڌ بند ڪريو،عوام کي قطارن ۾ بيهارڻ بجاءِ ھر دڪان تي سستو اٽو ڏيو جا زوردار نعرا ھنيا ويا،احتجاجي مظاھري کي وڪيل ديوتراءِ،اوڀايو جوڻيجو،سائينداد ھنگورجو،ڪبير ڀيل،لو لکاڻي،ڪرشن ميگھواڙ،سورو مل ڀيل،عزيز ھنگورجو،ڀورالال ڀيل،صديق بجير ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي، اٽو سستو نه ٿيو ته  ڳوٺن مان شارٽ مارچ ڪري شٽر بند ڦيٿا روڪ ھڙتال جو سڏ ڏنو ويندو، هوڏانهن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ملڪ ۾ اٽي جي بحران تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماڻهو اسان کي گاريون ڏين ٿا، انهن جو آواز ڪو به نٿو ٻڌي ۽ اٽو مسلسل مهانگو ٿي رهيو آهي، سرڪاري آفيسرن کي به عوام جي سامهون وڃڻ گهرجي، ته جيئن کين خبر پوي ته صورتحال ڇا آهي، پي اي سي جو اجلاس نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي راڄڌاني ۽ پارليامينٽ لاجز ۾ سيڪيورٽي جي ناقص انتظامن جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آباد کي طلب ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.