بلوچستان ۾ پوليٽيڪل انجنيئرنگ ٿي رهي آهي:نيشنل پارٽي

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) نيشنل پارٽي جي مرڪزي نائب صدر رجب علي رند چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر وقت کان اڳ بلوچستان ۾  پوليٽيڪل انجنيئرنگ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن، هڪ ” باپ“ بلوچستان کي برباد ڪري رکي ڇڏيو هاڻي ان ٻار کي نئين نالي سان ٻيهر عوام تي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اسان جي بي سمجهه حڪمرانن کي بلوچستان جي بگڙجندڙ حالتن جو ادراڪ هئڻ گهرجي ها، عوام جي مينڊيٽ سان جيڪڏهن اهي ٻيهر کيڏڻ جي ڪوشش ڪندا ته ان جا انتهائي ڀيانڪ نتيجا نڪرندا، هن ملڪ تي هاڻي رحم ڪرڻ گهرجي، حيرت جي ڳالهه آهي ته افغانستان ۽ بلوچستان جي ڊرگ اسمگلرن جي ٽولن کي ٻيهر گڏ ڪيو پيو وڃي ۽ بلوچستان جي اليڪٽيبلز کي رڍ جي ولر وانگر هڪليو پيو وڃي، هن چيو ته بلوچستان جو عوام ووٽ جي تقدس لاءِ آخري حد تائين ويندا، ملڪ جي ذميوار ادارن کي ناڪاري پروپيگنڊا جو نوٽيس وٺڻو پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.