حيدرآباد ۾ سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ 12 جايون مقرر

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ڊي سي فواد غفار سومرو خوراڪ کاتي سنڌ حڪومت طرفان حيدرآباد ۾ اٽي جي مختلف موبائل اسٽالز جو  دؤرو ڪيو ۽ اتي اٽي جي سرڪاري اگهه تي وِڪري، پوليس سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي سي حيدرآباد چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايت تي ضلعي ۾ غريب ماڻهن کي احسن طريقي سان سستو اٽو 65 رپيا في ڪلوگرام فراهم ڪرڻ لاءِ شهر جي 12 هنڌن تي اسٽال لڳايا ويا آهن هن چيو ته شهر ۾ روزانو 10 ڪلو اٽي جا 25 هزار ٿيلها وِڪرو ٿي رهيا آهن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سستو اٽو ذخيرو ڪندڙن خلاف پڻ تمام جلد ڪارروائي ڪري ذخيرو ڪيل اٽو قبضي ۾ ورتو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.