سنڌ سرڪار يوريا ڀاڻ جي هٿرادو بحران ۽ قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار صوبي ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو بحران ۽ قيمتن ۾ واڌ جو نوٽس وٺي ڇڏيو.وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو بحران ۽ قيمتن ۾ واڌ جو نوٽس وٺندي سيڪريٽري زراعت ۽ صوبي جي تمام ڊپٽي ڪمشنرن کي ذخيرا اندوزن ۽ يوريا ڀاڻ مھانگو وڪرو ڪندڙ ڊيلرز خلاف ڪارروائي جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي. منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته وفاق يوريا ڀاڻ جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽس وٺي ۽ يوريا ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪري، سنڌ ۾ پھريان ئي برساتن ۽ ٻوڏ سبب زراعت کي اربين رپين جو نقصان پھتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.