سعودي حڪومت پاڪستان جي پُراڻي حج ڪوٽا بحال ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) سعودي حڪومت پاڪستان جو پُراڻو حج ڪوٽا بحال ڪري ڇڏيو، هلندڙ سال هڪ لک 79 هزار 210 پاڪستاني حج جو فريضو ادا ڪندا. سعودي حڪومت حج پانڌيئڙن لاءِ عمر جي حد پڻ ختم ڪري ڇڏي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور سعودي عرب جي دعوت تي 4 ڏينهن واري عالمي حج ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ جده ۾ آهي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي سعودي ويزن 2030ع جي روشنيءَ ۾ جديد حج انتظامن ۽ سهولتن تي بريفنگ ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.