ڪنري (ت ر) تعلقي ڪنري ۾ هڪ هفتي دوران برائلر ڪڪڙ جي گوشت جي اگهن ۾ 200 رپيا واڌ، ڪڪڙ جو گوشت 600 رپيا في ڪلو ٿي ويو، انتظاميا غائب ٿي وئي. تعلقي ۾ برائلر ڪڪڙ جي گوشت جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آھن. برائلر ڪڪڙ جو گوشت جيڪو گذريل هفتي 400 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيو هو، مرغي مالڪن ان ۾ هاڻي 200 کان 600 رپيا في ڪلو واڌ ڪري گوشت جو اگهه وڌائي ڇڏيو آهي. شھرين جو چوڻ ھو انتظاميه مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.