حيدرآباد ۾ پ پ ش ڀ جي مهانگائي خلاف ٻئي ڏينهن به بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو حيدرآباد پاران مهانگائي خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج بعد بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ارشاد خاصخيلي، رمضان خماڻ، عليم قريشي، سيد حسنين شاهه، رشيد ناريجو، رويز بلوچ، سعد الله پرهياڙ ۽ ٻين چيو ته مهانگائي ايتري تي وڌي وئي آهي جو سفيد پوش ماڻهو به فاقا ڪٽي رهيا آهن. هنن چيو ته اٽو، کنڊ، گيهه، دال، چانور، پيٽرول، گئس، بجلي ۽ سبزيون عام ماڻهن جي کائڻ کان چڙهي ويون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.