جهانگير ترين حامي اسيمبلي ميمبرن سميت نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ وارو

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سليمان شهباز جهانگير ترين کي وزيراعظم شهبازشريف جو اهم پيغام پهچائي ڇڏيو، ذريعن مطابق  سليمان شهباز جهانگيرترين جي گهر تي هن سان ملاقات ڪئي آهي، ذريعن مطابق ملاقات دوران وزيراعظم جو صلاحڪار عون چوڌري به موجود هو، ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته آئنده جي سياسي لائحه عمل جي باري به گفتگو ڪئي وئي، هوڏانهن پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ٽوئيٽ ڪيو آهي ته عليم خان ۽ جهانگير ترين ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مسلم ليگ(ن) جوائن ڪندا، جهانگير ترين ۽ عليم خان سان هن وقت رڳو پنجاب مان 30 کان وڌيڪ ايم پي ايز، 11 ايم اين ايز آهن، اطلاعن مطابق اهي سمورا اسيمبلي ميمبر نواز ليگ جوائن ڪندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.