گلستان جوهر اسڪيم 36 مان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ گلستان جوهر اسڪيم 36 مان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت گلستان جوهر اسڪيم 36 ايس ٽي ۾ چائنا ڪٽنگ ڪيس بابت ٻڌڻي  ڪئي. عدالت غير قانوني اڏاوتن ۽ قبضا ختم نه ڪرائڻ تي ڪي ڊي اي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جسٽس اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا پاڪستان مان حڪومت ختم ٿي چُڪي آهي؟ رياست ڪٿي آهي؟ 3 کان 4 هزار ماڻهو بيهندا ته حڪومت پوئتي هٽي ويندي؟.هن چيو ته  اسان کي نام نهاد رپورٽ نه گهرجي، هاڻي تاريخ ٻڌايو ته قبضا ڪڏهن ختم ڪرائيندئو؟عدالت انتظاميا کي مهيني اندر قبضو ختم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڊپٽي ڪمشنر اوڀر ۽ ٻين عملدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.ڪي ڊي اي جي وڪيل چيو ته لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت چيو ته اسان بار بار چيو ته رينجرزکي گڏ ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.جسٽس اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ۾ چيو ته اوهان جو ڪم آهي انڪروچمنٽ کي ڪنٽرول ڪرايو.ڪي ڊي اي جي وڪيل چيو ته ڪي ڊي اي جي عملي تي حملي ۾ اسان جا  3 کان  4 ماڻهو قتل ٿي ويا آهن، عدالت ٻڌڻي 9 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.