ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا، فارم ۾ غير مقامي ماڻھن جو خانو هجڻ گهرجي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي سماجي سائنس جي تجزئي نگار ۽ دانشورن چيو آھي تھ 10 سالن جي عرصي کان اڳ ڪنھن جماعت جي فرمائش تي آدمشماري ڪرائڻ غير آئيني عمل ھوندو، سنڌ ٻوڏ واري صورتحال ۾ آھي، لکين ماڻھو بي گھر ٿيل آھن، ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ کان اڳ ان جو پائليٽ تجربو بھ ڪرڻ گھرجي، ڊجيٽل آدمشماري ۾سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط  ختم ڪيو ويو آھي تھ پوءِ آدمشماري کان اڳ سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن، سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو ھتي ڌارين جي موجودگي آھي، ڌارين جي ڳڻپ ضرور ٿيڻ گھرجي تھ جيئن خبر پئجي سگھي تھ سنڌ تي ڌارين جو ڪيترو بار آھي، آدمشماري ۾ سدائين سنڌ جي آبادي گھٽ ڏيکاري ويندي رھي آھي، آدمشماري واري مرحلي ۾ سنڌ جي ماڻھن کي متحرڪ رھڻ گھرجي، ٻوليءَ جي خاني ۾ سنڌي لکرائين.

عوامي آواز سان  پنهنجا خيال ونڊيندي نامياري دانشور ابرار قاضي چيو تھ آدمشماري ۾ سنڌ جو موقف رھيو آھي تھ ڳڻپ درست نٿي ٿئي، سنڌ جي آبادي گھٽ ڏيکاري وڃي ٿي، جيڪا ڳالھھ حقيقت تي ٻڌل آھي، پر ھن وقت جيڪڏھن آدمشماري ٿئي ٿي ۽ ان ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪيو ويو آھي اسان اڳ چوندا ھئاسين تھ سڃاڻپ ڪارڊ نھ ھجڻ ڪري اسان جا ماڻھو ڳڻپ ۾ شامل نٿا ٿين، ڇو تھ سنڌ جي ڏورانھن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ اڪثر ماڻھن خاص طور تي عورتن جا سڃاڻپ ڪارڊ بھ ٺھيل ناھن ھوندا.

ھن چيو تھ درست آدمشماري ٿئي ٿي تھ اسان جو انگ تمام گھڻو وڌي ويندو، سمورا ماڻھو آدمشماري ۾ شامل ٿي ويندا، آدمشماري جي فارم ۾ غير مقامي ماڻھن جو خانو شامل ٿئي ۽ ان تي عمل بھ ٿئي تھ پوءِ بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي اھا خبر پئجي ويندي تھ اسان وٽ ٻين صوبن يا ملڪن جا ماڻھو ڪيترا ترسيل آھن.

سندس چوڻ هو  تھ ھن وقت اسان کي اھا خبر ناھي تھ ڪيترا ٻاھريان ماڻھو ھتي ترسيل آھن، پر جڏھن مڪمل انگ اکر اچي ويندا تھ اسان کي خبر پئجي سگھندي تھ ڌارين جو انگ ڪيترو آھي، ان سان گڏوگڏ ڊجيٽل آدمشماري ۾ لوڪيشن بھ اچي ويندي، آدمشماري ۾ آبادي جي واڌاري سان اسان اين ايف سي ۽ اسيمبلي جي سيٽن ۾ اضافي جو بھ فائدو ٿيندو ۽ وفاق کان اسان وڌيڪ شيئر گھري سگھون ٿا، ان ڪري سنڌ جي ماڻھن کي آدمشماري ۾ متحرڪ رھڻو پوندو.

سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر محبوب شيخ چيو تھ آدمشماري جي حوالي سان سنڌ کي ڪيترائي خدشا رھيا آھن ۽ جڏھن آدمشماري وارو مرحلو شروع ٿيندو تڏھن صورتحال واضح ٿي سگھندي، سنڌ جي ماڻھن کي تيار رھڻ گھرجي تھ ھو وڌ کان وڌ پاڻ کي ڊجيٽل آدمشماري ۾ شامل ڪرائين ۽ ٻولي جي خاني ۾ سنڌي ضرور لکرائين، ڪراچي جي اندر سنڌين کي ڀرپور نموني سان پاڻ کي ڳڻائڻ گھرجي، سوشل ميڊيا تي ڀرپور مھم ھلائي وڃي.

ھن چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري ۾ غير مقامي ماڻھن جي ڳڻپ ضرور ٿيڻ گھرجي تھ جيئن خبر پئجي سگھي تھ اسان وٽ ڪيترا ڌاريا موجود آھن، جيڪي سنڌ وسيلن تي بار آھن، پر ان جي بدلي اسان کي وفاق وٽان ڪو بھ شيئر بھ نٿو ملي ۽ انھن ڌارين کي نيڪالي بھ نٿي ملي.

ھن وڌيڪ چيو تھ ڌارين جو بار تھ سڄي سنڌ تي آھي، پر سڀ کان وڌيڪ بار سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شھر تي آھي، ان ڪري ڪراچي ۾ آدمشماري مرحلي تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي، ڪراچي اندر اڳ جي ڀيٽ ۾ سنڌين جو تمام وڏو انگ موجود آھي، ان ڪري سنڌين کي پنھنجو پاڻ کي ڪراچي اندر ڳڻائڻ جي لاءِ متحرڪ رھڻ گھرجي.

ھن اعلان ڪيو تھ اسان جلد ئي سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو اجلاس سڏائينداسين ۽ ھن ڪائونسل ۾ سگا، سنڌي ادبي سنگت، رفارمرس يونٽ، انٽيليڪچوئل فوم، سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي ۽ سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم بھ شامل آھي، اسان آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جو ڀرپور ڪيس رکنداسين ۽ سنڌ جي ماڻھن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ لائحھ عمل جوڙينداسين.

سماجي سائنس جي تجزئي نگار ۽ نامياري ليکڪ نصير ميمڻ چيو تھ آئيني طور تي 10 سالن واري شرط تحت ھن وقت آدمشماري ٿيڻ غير آئيني عمل ھوندو، آدمشماري ٿي رھي آھي تھ اھا صرف ايم ڪيو ايم جي خواھش تحت ڪرائي پئي وڃي، جيڪو انتھائي افسوسناڪ عمل آھي، جيڪڏھن سڀاڻ وري ڪا جماعت اٿي پئي ۽ آدمشماري کي نھ مڃيو ويو تھ توھان ڪيتريون آدمشماريون ڪرائيندا.

ھن چيو تھ آدمشماري واري فارم جي خاني ۾ غير مقامي ماڻھن جو خانو ھجڻ ضروري آھي، جيڪڏھن اھو خانو رکيو ويو آھي تھ ان ۾ غير مقامي ماڻھن جي لاءِ اھو سوال بھ ھجڻ گھرجي تھ توھان پنھنجي صوبن يا ٻين ھنڌن تان ھتي ڇو آيا ھئا ۽ ھتي ڪھڙي سبب جي ڪري رھو پيا.

ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ جي حالت ٻوڏ جي ڪري تمام گھڻي خراب ٿي چڪي آھي، آدمشماري جي لاءِ بلاڪ ٺاھيا ويندا آھن، جنھن ۾ ڳوٺ ۽ مختلف علائقا شامل ھوندا آھن، پر ھن وقت سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ ۾ ٻڏي ختم ٿي ويا آھن، ماڻھو روڊن رستن تي ويٺل آھن، ڪن ماڻھن پنھنجا گھر ۽ ڳوٺ ڇڏي ٻين جاين تي اچي پناھھ ورتي آھي، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ اندر ڪئين درست آدمشماري ٿي سگھي ٿي.

ھن چيو تھ ھن وقت ڊجيٽل آدمشماري جي ڳالھھ پئي ھلي، پر اھو سوال پيدا ٿو ٿئي تھ ڇا ان ڊجيٽل آدمشماري جي لاءِ ڪو پائليٽ تجربو ڪيو ويو آھي؟، صورتحال اھا آھي تھ توھان اي وي ايم ذريعي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اھو چئي تيار نٿا ٿيو تھ اسان جو سسٽم اجازت نٿو ڏئي اي وي ايم جي ذريعي ووٽنگ ٿي سگھي تھ پوءِ اھڙي صورتحال ۾ ڊجيٽل آدمشماري ڪيئن ممڪن آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.