عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي

نيويارڪ (م ڊ) عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اڱاري ڏينهن تي گهٽتائي رهي جنهن جو وڏو سبب آمريڪي تيل ذخيرن ۾ اضافو، اقتصادي ترقي جي خدشن ۽ آمريڪي ڊالر جي اوسر جي مٽا سٽا ۾ گهٽتائي اچڻ شامل آهي. نيويارڪ مرڪنٽائل ايڪسچينج ۾ انٽرنيشنل بنچ مارڪ برينٽ ڪروڊ جو واپار 0.41 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 79.63 ڊالر في بيرل جڏهن ته آمريڪن بنچ مارڪ ڊبليو ٽي آئي ڪروڊ جي مستقبل جا سودا 0.37 سيڪڙو جي گهٽتائي سان مارڪيٽ ڪلوزنگ تي 74.63 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا.

  • کاڄري تيل ۽  گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ کاڄري تيل ۽ بناسپتي گيهه  جي قيمتن ۾ ڊسمبر دوران ماهوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڪستان شماريات کاتي طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل ماهوار رپورٽ مطابق ڊسمبر 2022ع دوران ملڪ ۾ 5 ڪلو ڊالڊا ۽ ان جي معيار جي ٻئي کاڄري تيل جي قيمتن ۾ ماهوار بنيادن تي 1.24 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، 2.5 ڪلو ڊالڊا ۽ حبيب بناسپتي گيهه جي قيمت ۾ ڊسمبر دوران 2.12 سيڪڙو ۽ هڪ ڪلو پناسپتي جي قيمت ۾ 1.85 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ان جي ابتڙ سرنهن جي تيل جي قيمتن ۾ ماهوار بنيادن تي 0.86 سيڪڙو اضافو ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.