9 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم غيبي مدد کان گهٽ ناهي:وزيراعظم

جنيوا(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس جي ڪاميابي  تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ غيبي مدد کان گهٽ نه آهي، الله جي مدد ۽ عوامي تعاون سان پاڪستان پاران وڌندڙ هر مشڪل جو بهادري ۽ عقلمندي سان مقابلو ڪنداسين، بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پرڏيهي وزارت ڪانفرنس جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ انتهائي متحرڪ ۽ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ اڪائين جي اهڙي ٽيم ورڪ ۽ قومي جذبي سان پاڪستان ۽ عوام کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، هن امانت کي ديانتداري، شفافيت ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي حقدارن تائين پهچائينداسين، سڀني عالمي پارٽنرز خاص طور تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جا دل سان ٿورا مڃون ٿا، سدائين مهربان ڀاءُ سعودي عرب، عظيم دوست چين، ڀائر ملڪ ترڪيه جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جا خصوصي طور تي ٿورا ادا ڪريان ٿو، جنهن ڪانفرنس کانسواءِ پاڪستان جي مالي مدد جو دلي کولي ۽ ڀائراڻو قدم کنيو آهي. پاڪستان جي عظيم ڀائر ملڪن گڏيل عرب امارات ۽ قطر جي قيادت جا خاص طور تي ٿورا ادا ڪريان ٿو، يورپي يونين، آمريڪا، جرمني، جاپان، فرانس سميت ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀني ملڪن جي قيادت جا ٿورا مڃون ٿا، عالمي مالياتي ادارن جو ٿورائتو آهيان، جن 3 ڪروڙ 30 لک ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن کي سمجهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.