سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد  علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ توهين اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس جي خلاف اسد عمر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت اسدعمر جي وڪيل کي چيو ته  سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي، اوهان هن ڪورٽ ۾ چو آيا آهيو؟چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان اهڙي درخواست چو داخل ڪئي آهي؟ اسد عمر جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ اليڪشن ڪميشن اسان جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿو .اسان کي خدشو آهي ته فرد جرم لاڳو نه ڪيو وڃي.عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 25 جنوري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.