ڪراچي( رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي اچي وئي آهي. ڊونرز ڪانفرنس ۾ امداد جي اعلانن تي سيڙپڪاري ۾ واڌ اچي وئي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 297 پوائنٽون وڌي 40 هزار 802 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڊائريڪٽر عارف حبيب ڪارپوريشن احسن محنتي چيو آهي ته جنيوا ۾ فنڊ ريذنگ ڪانفرنس ۽ آءِ ايم ايف پاران هاڪاري جواب سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي آئي. 03