ڪي اين شاهه ۾ اٽي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جو احتجاجي مظاهرو

خيرپورناٿن شاھه (ن ع آ) خيرپورناٿن شاھ ۾  اٽي جي ھٿرادو بحران ۽ وڌايل اگهن خلاف ايس ٽي پي جي ڪارڪنن شهرين، مزدورن مير حسن اسٽاپ  کان کان علمدار چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي فقير علي حسن جانوري ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي نااهل حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري اٽو 160 روپين ۾ ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي هٿرادو کوٽ جي ڪري غريب پورهيت طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي ٻن ويلن جي ماني ٻچڙن کي کارائي نٿا سگهن، فوري اٽي جو اگهه گهٽ ڪري 50 روپيا ڪلو مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.