ڪنڌڪوٽ ۾ دڪان جي ڇت ڀڃي چوري، ڪيس داخل نه ٿيو

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڪنڌڪوٽ شمس پمپ سامهون موٽرسائيڪل آٽوز جي دڪان مان چور ڇت ڀنڃي سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ متاثر آٽوز مالڪ منيش ڪمار جو چوڻ هو ته شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، روز چوريون ٿي رهيون آهن، دڪان مان سامان چور کڻي ويا آهن جيڪو واپس ڪرائي ڏنو وڃي. جڏهن ته اهڙي چوري واردات جو اطلاع حد جي پوليس کي ملڻ بعد پوليس پهتي جڏهن ته چوري واردات ۾ ملوث چور گرفتار نه ٿي سگهيا ۽ نه ئي چوري واردات جو ڪيس داخل ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.