نصيرآباد ۾آءِ بي ٽيسٽ پاس استادن جو پگهارن لاءِ احتجاج

نصيرآباد (رپورٽ: بشير بروهي) نصيرآباد تعلقي جي آءِ بي اي پاس نون استادن جي ڊيٽابيس اٺ مهينا گذرڻ باوجود سنڌ سيڪريٽريٽ نه موڪلڻ خلاف ۽ پگهارن جي مرحلي ۾ سست رفتار خلاف  نصيرآباد جي مختلف اسڪولن اقرا اسڪول، مين پرائمري اسڪول ۽ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول چنا پاڙي جي عمران نوناري، سعيد سومرو، اختيار پنهور، شبير ٽڳڙ ۽ ٻين آءِ بي اي پاس استادن طرفان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪلاس وٺندي خاموش احتجاج ڪيو ويو. نون آءِ بي اي پاس استادن جو چوڻ هو ته اسان جي ڊيٽابيس جلد کان جلد سنڌ سيڪريٽريٽ موڪلي آءِ ڊيز کولي پگهارون جاري ڪيون وڃن. هڪ ته مهانگائي استادن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن، مٿان وري پرائيوٽ ادارن ۽ ڪاروبار ڇڏي. سرڪاري استاد ٿيندڙ نوجوانن جون پگهارون اٺن مهينن کان جاري ناهن ٿيون. استادن وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کان اهو مطالبو ڪيو ته اسان استادن جون جلد کان جلد پگهارون جاري ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.