شاندار ڪارڪردگي ۽ ناقابل فراموش عوامي خدمتن جي علامت جمشيد نسروانجي مهتا

وجاھت حسين

اڄ ڪراچي مسئلن جي حوالي سان هڪ اهڙو ڳُتيل شهر بڻجي ويو آهي، جنهن ۾  زندگيءَ سان لاڳاپيل هر شعبو آزار جي ور چڙهندو پيو وڃي . ايئن ٿو لڳي ڄڻ گونگن ۽ گنجريل  مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪنهن وٽ ڪو پروگرام ناھي. مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ وڌندا پيا وڃن.

شهري علائقا سيمنٽ ۽ ڪچري جا ڍڳَ بڻجي رهيا آهن، ڀرپاسي ۾ ڪچي آبادين ۾ ماڻهو ذلت آميز زندگي گذارڻ تي مجبور آھن.

ڌاري آبادڪاري جو ٻوجھُ سھڻ سان گڏ بجلي، گيس ۽ پاڻي جي شديد قلت سان گڏوگڏ شھرين جي جان ۽ مال به غير محفوظ بڻجي چڪا آھن نسلي جھيڙا ڪرائي ڪراچي جي روڊ رستن کي رت سان وهنجاريو ويندو رهيو آهي . ڪراچي شھر ۾ امن اڄ  ڄڻڪ ڀوائتو خواب بڻجي چڪو آھي جنھن شهر کي روشنن جو شھر سمجهيو ويندو ھو ۽  روڊ رستن تي گلابن جي پاڻيءَ جو ڇڻڪار ٿيندو ھو. ان صورتحال مان ماضي ۽ حال جي تقابلي جائزو وٺجي ته حڪمرانن جي نيڪ نيتي جو ڀلي ڀت اندازو ٿي ويندو. پر ڪنهن وقت ڪراچي ايئن نه  هو جڏهن جمشيد نسروانجي مهتا ڪراچي کي سنڀاليو بيٺو هو ان جمشيد نسروانجي مهتا تي سنڌ کي ناز آھي. جنھن کي اڄ جديد ڪراچي جو اڏيندڙ ۽ باباءِ ڪراچي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

جمشيد نسروانجي مـهتا 7 جنوري 1886ع تي پيدا ٿيو. سياست جي شروعات 1913ع ۾ ڪئي. جڏهن ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس ٿيو هو. 1915ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو. غلام علي چاڳلا جي صدارت تان استعيفيٰ کان پوءِ صدر چونڊجي ويو ۽ 1933ع تائين ان عهدي تي رهيو. 1919ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر ايني بيسنت ’هوم رول ليگ‘ ٺاهي، ان ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ ڪراچي شهر جو صدر به چونڊيو ويو. مهتا جي ڪراچي شهر جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ وسان نه گھٽايو. 1919ع ۾ جڏھن انفلوئنزا جي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪئي ته جمشيد مھتا ڏينھن رات عوام جي خدمت ڪئي ۽ ھو ڪراچي جو ھر دل عزيز بڻجي ويو. 1933ع ۾ ڪراچي ميونسپل ائڪٽ جي درستگيءَ لاءِ هن کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي نامزد ڪيو ويو، جنهن مطابق ڪراچي ڪارپوريشن قائم ٿي، کيس ان جو پهريون ميئر چونڊيو ويو. 1933ع ۾ ميونسپالٽيءَ کان رٽائر ٿي سنڌ جي ممبئيءَ کان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ هن هر طرح جي ڪوشش ورتي. سنڌ جي ممبئيءَ کان جدا ٿيڻ بعد 1937ع ۾ دادو ضلعي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ آزاد ميمبر ٿي رهيو.

ورهاڱي کان اڳ انهن ڏينهن ۾ ڪراچي شھر ۾ اڪثر پاڻي جي کوٽ رھندي ھئي پاڻي جو دارومدار ڊملوٽي جي کوھن تي ھو، بارش نه ٿيڻ ڪري کوھ سڪي ويندا ھئا ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو پيدا ٿي ويندو ھو وقتي بنيادن تي جمشيد مھتا شھر ۾ کوھن جو هڪ نظام متعارف ڪرايو ۽ ماڻھن کي گھٽ پاڻي واپرائڻ ۽  پاڻي زيان نه ڪرڻ لاءِ  مھم ھلائي جنھن ۾ ڪراچيءَ جي عوام سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. مستقل بنيادن تي پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏيڻ لاءِ ھڪ رپورٽ حڪومت کي ٺاھي موڪلي ته ھاليجي ڍنڍ مان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ  ميونسپالٽي کي فنڊ ڏنا وڃن، ته اھو مسئلو ھميشه لاءِ حل ٿي وڃي پوءِ جڏهن ھو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ته اتي ھن پاڻي جي اھم مسئلي کي اٿاريو. حڪومت مجبور ٿي پاڻي جي مسئلي ۽ پوري سنڌ ۾ لوڪل گورنمينٽ جي مسئلن جي حل لاءِ ھڪ ڪاميٽي جوڙي جنھن جو چيئرمين جمشيد مھتا کي مقرر ڪيو ويو جمشيد مھتا ساٿين سميت پوري سنڌ جو دورو ڪري ھڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي انھي دوران ٻي مهاڀاري ويڙهه 1939ع  ۾ شروع ٿي ۽ ڪراچي آمريڪي فوجين جو اڏو بڻجي ويو، فوجين کي پاڻي جي ضرورت ھئي ته انھن جمشيد مھتا جو رپورٽ تي عمل ڪندي ھاليجي اسڪيم تي جلدي عمل ڪيو ۽ ائين ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويو. انھيءَ اسڪيم کي ھاليجي واٽر ورڪس اسڪيم جو نالو ڏنو ويو.

پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ پيرسنيءَ ۾ به سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ حڪومت سان تعاون ڪندو هو ۽ حڪومت به سندس ڪمن ۽ خدمتن مان فائدو حاصل ڪندي هئي. هي عظيم انسان  پهرين آگسٽ 1952ع تي وفات ڪري ويو

سائين جي ايم سيد چواڻي ڪراچي شھر جمشيد مھتا جي خدمتن جو يادگار آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.