واٽس اسٽيٽس لڳائيندڙ هوشيار، ڪمپني سختي وڌائي ڇڏي

واٽس ايپ واپيدار هر قسم جو اسٽيٽس لڳائندا آهن جنهن ذريعي هو دوستن، مٽن مائٽن سان پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪندا آهن.

پر هاڻ تمام جلد اسٽيٽس لڳائڻ ۾ احتياط ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اوهان جو اسٽيٽس ڪنهن واهپيدار لاءِ پريشاني جو سبب بڻبو ته اَن جي شڪايت واٽس انتظاميا تائين پهچي سگهي ٿي.

ايپليڪيشن جي سرگرمين تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب جيڪڏهن ڪنهن واهپيدار اعتراض جوڳو مواد اسٽيٽس تي لڳايو ته ان کي رپورٽ ڪري سگهجي ٿو.

ڪانٽيڪٽس ۽ پيغامن کي رپورٽ ڪرڻ وارو فيچر جي سهولت واهپيدارن کي اڳواٽ ئي حاصل آهي پر هاڻي اسٽيٽس رپورٽ ڪرڻ به ممڪن هوندو.

رپورٽ ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن اُهو مواد واٽس ايپ جي قانونن جي ڀڃڪڙي هوندو ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته واهپيدارن ٻيو اسٽيٽس پوسٽ نه ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته پوءِ ڪمپني سندس خلاف ڪارروائي شروع ڪري  چڪي هوندي.

واٽس ايپ بيٽا انفو موجب هنيئر تائين باظابطا طور اعلان ناهي ڪيو ويو ته اِهو فيچر ڪڏهن پيش ڪيو  ويندو پر امڪان اِهو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر سمورا واهپيدارن لاءِ ان فيچر جي سهولت موجود هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.