پريالوءِ ڀرسان اغوا بعد قتل ڪيل 3 ڄڻن جي وارثن جو پوليس خلاف احتجاج

پريالوءِ (ن ع آ) پريالوءِ ڀرسان 3 ڏينهن اڳ اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل ٿيل اوڍا برادري جي 3 مقتولن جي وارثن جو پريالوءِ پوليس خلاف احتجاج،  مقتولن جي وارثن  عالم اوڍو ، مير اوڍو ، منصف اوڍو، محمود خان اوڍو، عمران علي  اوڍو، آصف اوڍو ، احتجاج ڪندي دانهيو ته جتوئي برادري جي ھٿياربندن اسان جي ٽن ڄڻن کي بيگناهه اغوا ڪرڻ بعد سنڌو درياءَ جي ڪپ تي کڻي وڃي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا، اھڙو ڪيس پريالوءِ ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ، ھنن اعلي اختيارين ڊي آئي جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ، ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ بندائي شيخ وٽان ھٿياربندن اوڍا برادري جي 3 ڄڻن غلام رسول اوڍو غلام عباس اوڍو ۽ شھزادو اوڍو کي اغوا ڪري درياءَ جي ڪپ تي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا جنهن بعد جتوئي برادري جي 32 سڃاتل 3 اڻ سڃاتل جوابدارن جي مٿان پريالوءِ ٿاڻي تي ڪيس  داخل ڪيو ويو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.