باڊهه ۾بدامني، هٿيارن جي زور تي ڦر، ايس ايڇ او بدلي، سياسي سماجي اڳواڻن جو ڌرڻو

باڊھ (ن ع آ ) باڊھ شھر ۾ سليم لوھر جي ڪرياني جي دڪان تي موٽر سائيڪل سوار 3 ھٿياربند چڙھائي ڪري ھٿيارن جي زور تي کيس يرغمال بڻائي کائنس اٽڪل ڏيڍ لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، ھوڏانھن ڦر واقعي ۽ شھر اندر ڏينھون ڏينھن وڌندڙ بد امني جي خلاف واپارين دڪاندارن حيدر چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، جنھن سبب مک روڊ بند ٿي ويو ۽ ٽريفڪ پنجن ڪلاڪن تائين معطل ٿي وئي احتجاج ۾ شھر جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن به پڻ شرڪت ڪئي احتجاج ڪندڙن باڊھ پوليس ۽ ڏوھارين جي خلاف شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي واپاري اڳواڻ علي شير سارئي،عزيز بروھي،علي انور عسڪري،دو دو ديشي،منور نوناري،اصغر نوناري،گلزار گوپانگ،سڪندر ڪانڌڙو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته باڊھ پوليس جي غفلت توڙي لاپرواھي جي نتيجي ۾ باڊھ شھر ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان بد امني جي باھ ٻري رھي چوري ۽ ڦر جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن،  ايس ايس پي لاڙڪاڻو شھرين جي سخت احتجاج ۽ وڌندڙ بدامني جو  نوٽيس وٺندي باڊھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ممتاز سيال کي فوري طور تي ھٽائي سندس جاءِ تي گلزار ٻرڙو کي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.