بهارو ۽ ڀرپاسي جا يوٽيلٽي اسٽور عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، احتجاج

بهارو(رپورٽ:جاويد پنهور) بهارو ۽ ڀرپاسي جا يوٽيلٽي اسٽور يو سي رپڙي، يو سي ڪمالديرو ۽ يو سي کيمٽيا جا يوٽيلٽي اسٽور انچارجن جون  من مستيون، تازو وفاقي سرڪار پاران جوڙيل پاليسي بي آءِ ايس پي جي رجسٽرڊ صارفين کي اٽي جي 10 ڪلو جي ٿيلهي 400 بجاءِ 800، گيهه 300 بجاءِ 400، کنڊ 70 روپين بدران 90 روپيا وصول ڪري ڪرپشن جو نئون دڳ اختيار ڪري ورتو آهي جنهن سبب غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽي ۽ ڦري رهيا آهن جڏهن ته صارفين پاران کين بل ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته مٿن ڪاوڙجي سامان واپس ڪرايو وڃي ٿو. هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته يوٽيلٽي اسٽور انچارج غريب مسڪين ماڻهن کي حڪومت پاران مليل سبسڊي ڏيڻ بجاءِ گمبٽ، کهڙا ۽ ڀرپاسي جي وڏن واپارين کان لکين روپيا ايڊوانس وٺي کين سامان وڪرو ڪري ڏين ٿا، جنهن ڪري يوٽيلٽي اسٽور انچارج هتان جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن هوڏانهن يوٽيلٽي اسٽور جي انچارج چيو ته او ٽي پي گورنمينٽ آف پاڪستان جي پاليسي مطابق اسان فالو ڪريون پيا جنهن ڏي ميسيج اچي ٿو ته ان کي اٽو ڏيون ٿا، هتان جي رهواسين وزيراعظم پاڪستان، چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ، يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جي ريجنل انچارج سکر، ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته بهارو، رپڙي ۽ ڀرپاسي جي يوٽيلٽي اسٽورن انچارجن خلاف ڪاررروائي ڪري کين جيل ڀيڙو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.