سنڌ معاشي طور تي پٺتي پئجي وئي آهي: رياض چانڊيو

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض احمد چانڊيو شڪارپور پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن صدر رحيم بخش جمالي، جنرل سيڪريٽري وحيد بروهي، وسيم سنجراڻي، جبران ابڙو، ابراهيم بروهي، عارف قريشي سميت ٻين کي گلن جا هار پارايا. ان موقعي تي جسم چيئرمين رياض چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن معاشري ۾ صحافين جو وڏو ڪردار آهي، صحافي مظلومن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڏينهن رات محنت ڪري ٿو، هن ڪري اسان قومي ڪارڪنن جو به فرض آهي ته اسان صحافي ڀائرن سان هر ڏک سک ۾ گڏ ٿيون. هن چيو ته معاشي حوالي سان سنڌ پٺتي پئجي وئي آهي، سنڌ ۾ هڪ برساتن تباهي مچائي ٻيو وري حڪمرانن هٿ سان سنڌ کي ٻوڙيو آهي. ان موقعي تي جسم اڳواڻن اسد سومرو، عمران منگي، رفيق ڪالاڻي سميت سيينئر صحافين رحمت الله سومرو. حافظ عمر دراز صديقي، سلطان رند، جاويد راهوجو، ديدار بلوچ، محبوب بلوچ، ذوالفقار مگسي ۽ عتيق ڌڪڙ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.