ڪي اين شاهه واسي ٻوڏ متاثر نوجوان ٿڌ لڳڻ سبب فوت، ڪفن لاءِ چندو ڪيو ويو!

خيرپورناٿن شاهه (ن ع آ) خيرپورناٿن شاهه ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺ گلزار ٿيٻو ۾ ٻنهي ڄنگهن کان معذرو نوجوان 25 ورهين جو سليم ولد گلاب سولنگي ٿڌ جي سٽ نه سهندي ٽينٽ اندر فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جي امڙ مسمات  هاجاڻي سولنگي پنهنجي پٽ جي لاش مٿان اوڇگارون ڏئي روئيندي ٻڌايو ته پٽ چڱو ڀلو هيو رات ان کي ٿڌ لڳي جيڪو صبح جو فوت ٿي ويو، هن چيو ته ٻوڏ ۾ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، واپس ڳوٺ آيا سين ته رهڻ لاءِ ڇت نه هئي کائڻ لاءِ راشن نه هيو، هن الزام هڻندي چيو ته مان پنهنجي پٽ معذرور سليم سان گڏ پ پ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري ۽ پ پ اڳواڻ قمبر لغاري جي اوطاق تي ويا سين ته اسان کي ٽينٽ ڪمبل راشن ڏيو، انهن اسان کي اوطاق مان ڪڍي ڇڏيو، اسان وٺ ڪجهه ناهي اسان ڏي نه اچو، هن چيو ته  اسين روئيندي واپس ڳوٺ موٽي آيا سين پلاسٽڪ جي ڪلي وٺي ان جي هيٺان رهندا هيا سين منهنجو پٽ پني اسان جو پيٽ پاليندو هيو جنهن کي هڪ الله واري ماڻهو ٽينٽ ڏنو جنهن ۾ اسين سڀ گهر ڀاتي رهندا هيا سين هاڻي جنوري جي ٿڌن ۾ وڏي تڪليف هئي ٽينٽ اندر سردي لڳڻ جي ڪري منهنجو سليم پٽ مونکي هميشه لاءِ ڇڏي هليو ويو، اسان مسڪينن جي ڪنهن به واهر نه ڪئي، ڪفن لاءِ پئسا نه هيا جو پٽ کي ڪفن ڏيان ڳوٺ وارن چندو ڪري ڪفن لاء پئسا ڏنا آهن، ان موقعي تي ڳوٺ جي متاثرن ديدار ماڇي ، مجيد کوسو ، علي حيدر شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران اسان جو سڄو ڳوٺ ٻڏي ويو هڪ سئو کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، ٻوڏ کي هي پنجون مهينو هلي رهيو آهي اسان جي ڪنهن به سار ناهي لڌي، جڏهن ته فوت ٿيندڙ نوجوان جي جنازي نماز بعد سندس مڙهه کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.