مڪلي ۾ هٿياربندن هٿان مڇي واپارين يرغمال، ڦر

مڪلي(ن ع آ) مڪلي ٿاڻي جي حد اندر سوزوڪي ۾  سوار ڪيترن ئي اڻڄاتل هٿياربند ڦورن ڪراچي کان مڇي کپائي موٽندڙ چليا جي رھواسي شورو برادري جي مبارڪ شورو جي سوزوڪي کي درگاهه محمد علي شاهه وٽ هٿيارن جي روز تي سوزوڪي ۾ سوار مڇي جي واپارين کي يرغمال بڻائي مڪلي باءِ پاس طرف کڻي وڃي کانئن قيمتي موبائل فونون ۽ 50 هزار روپيا روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان ھوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. ٻئي طرف ڦرجي ويل مڇي جي واپارين ايس ايس پي ٺٽو ۽ ايس ايڇ او مڪلي کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور مڪلي باءِ پاس چوڪن واري سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان جوابدارن جي نشاندھي ڪري کين پڪڙي ڦر ڪيل رقم توڙي قيمتي سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ رهواسين کي تحفظ مھيا ڪري امن امان جي صورتحال بھتر ڪئي وڃي. ٻئي طرف مڪلي پوليس تحرڪ وٺندي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد سان ھٿياربند ڦورن جي ھڪ ساٿي جوابدارن کي گرفتار ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.