ڏهرڪي ۾ پيٽرول پمپ وارن جي ٺڳي، ٽريڪٽر ڊرائيور جو احتجاج

ڏهرڪي ( ن ع آ ) ڏهرڪي  ۾ پيٽرول ايجنسي تان  ٽريڪٽر ۾ ڊيزل ڀرائيندڙ ٽريڪٽر ڊارئيور محمد اسلم احتجاج ڪندي چيو آهي ته مان سيد جميل شاهه جي شان مدينه پيٽرول پمپ تان پنهنجي ٽريڪٽر ۾ هڪ هزار روپين جو ڊيزل ڀرايو آھي پر ڊيزل ڀريندڙ مون کي هڪ هزار ۾ چار ليٽرن بدران ٽوٽل اڍائي ليٽر ڊيزل ڏنو آھي، هتي روزانو جي بنياد هزارين ليٽر تيل جي سيل ٿيندي  آھي،  جنهن بعد پيٽرول پمپ وارا سڀني سان اهو ساڳيو فراڊ ڪندا هوندا ، ڊيزل ڀرڻ بعد ٽانڪي ۾ تيل گهٽ مقدار ۾ پيل هجڻ تي آءُ تيل جو ماپو ڪيو ته تيل ڀريندڙ جو فراڊ سامهون آيو آهن جيڪڏهن  تيل جو ماپو نه ڪيان ها ته انهن جو اهو فراڊ پڪڙجي نه سگهي ها جنهن لاءِ ڊي سي گهوٽڪي، اي سي ڏهرڪي ۽ مختيارڪار ڏهرڪي کي گهرجي ته گراهڪن سان فراڊ ڪندڙ پيٽرول پمپ جي مالڪن خلاف قانوني ڪاروائي ڪن هوڏانهن پمپ مالڪ جميل شاهه جو چوڻ آهي ته کيس ڊيزل جي ٽانڪي ۾ ڊيزل گهٽ پيل هو جنهن جي ڪري اسان ٽريڪٽر ڊرائيور کي ڊيزل لاءِ جواب ڏنو پر ان جي گهڻي اسرار تي هن کي ڊيزل ڏنو جيڪو ميٽر هلڻ باوجود سندس ٽريڪٽر ۾ ڊيزل گهٽ ڀريو جڏهن ته اسان گراهڪن سان فراڊ جو سوچي نه نٿا سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.