شهِيد ڀٽو

تحرير: لعل محمّد ”لعل“

اي وادِيءِ مهراڻ جا بيدار مُدبّر!
دمَ تُنهنجي سان قائم هُئي دنيائي سياست
مجبُورَ جو همدم هُئين، مظلُومَ جو حامي
منظُور هُئي توکي مگر قومَ جِي خدمتَ

منصُورَ جيان دارَ تي سِرُ پنهنجو ڏنو تو
ان رِيت شهادتَ جِي سعادت ملِي توکي
تُون زندهه و جاويد فقط ناهين جهان ۾،
ربَ پاڪ کان عقبيٰ جِي به عظمت ملِي توکي
توکان اڳي هن ديسَ ۾ پهرو هو قلمَ تي
هر هڪَ جِي زبان تي هو لڳل آهني تالو
قانُون هُيو قيد ۽ مُجرم هُيو آزاد
’انصاف‘ حقيقت ۾ هُيو ظلم جو نالو

تُون آئين، ته جاڳِي اُٿِي مزدُورَ جِي قسمتَ
چمڪڻ َ لڳو هارِيءَ جي مُقدّر جو ستارو
بُتخانا امارتَ جا ٿيا نِيست ۽ نابُود
جمهُورَ کي حاصل ٿيو جيئڻ جو سهارو

ملّتَ جا نگهبانَ هُيا برسرِ پيڪار
تن کي تو ڇڏيو پيارَ جِي تسبِيحَ ۾ پوئي
تو لاءِ اڃا ڀِي هتي غمگِين وطن جِي،
ڌرتِي ٿِي ڀري سُڏڪا ۽ آڪاس ٿو روئَي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.