سال تبديل، پر سُور ساڳيا!

تجرير؛ مجاهد چنا

گذريل سال 2022ع ۾ به عوام سورن ۾ گذاريو، ڪورونا کان پوءِ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سنڌ سميت ملڪ ۾ وڏي تباهي مچائي، لکين ماڻهو پنهنجي اجهن مال ملڪيتن کان محروم ٿي روڊن تي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا، شهر تباهه، روڊ رستا ڀڙڀانگ ۽ زمينون تلاءُ بڻجي ويون، ڪيترائي مهينا گذري وڃڻ باوجود اڄ به برسات متاثر ساڳيا سور سلي ريها آهن وفاقي توڙي صوبائي حڪومت رڳو ٺلهن آسرن ۽ اعلانن توڙي دعون ۾ پوري رهي. پيٽرول، گئس، ڪوئلي سميت قدرتي وسيلن سان مالا مال شاهوڪار سنڌ مخلص ۽ سنڌ دوست قيادت جي فقدان سبب بدحالي ۽ عوام زندگيءَ جي بنيادي سهولتن صاف پاڻي، بجلي، تعليم ۽ روزگار جهڙن  سهولتن کان به محروم آهن.مهانگائي جي راڪاس ته ڄڻ غريبن کي جيئرو ئي زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي.

ڪيترو نه ظلم آهي جو زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود اٽو130رپين کان 150 روپيا في ڪلو تائين وڃي پهتو آهي، کنڊ، کير، چانهن پتي، تيل سميت روزانو استعمال ٿيندڙ شين جا اگهه پڻ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن.صورتحال اتي وڃي بيٺي آهي جو بُک، بيماري ۽ غربت سبب عام ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهي.عوام پڇڻ تي مجبورآهي ته ڪراچي کان اسلام آباد مارچ ڪندڙ قيادت موت مارهن مهانگائي تي ڇو خاموش آهي؟

اٽي لٽي اجهي ڏيڻ جي دعويدار پيپلزپارٽي سنڌ مٿان 70ع واري ڏهاڪي کان  ۽ هاڻي لڳاتار 15 سالن کان سنڌ ۾ برسراقتدار آهي، پر اڄ به سنڌ ۾ غربت ناچ ڪري رهي آهي، البته جيڪڏهن ڪنهن شعبي ۾ ترقي ٿي آهي ته اها ڪرپشن آهي. ڪو شعبو ڪونهي جنهن ۾ ان جي ڌُم متل نه هجي، تعليم تباه، روزگار ختم ۽ امن امان جي صورتحال به خراب آهي.

سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ بدامني جو شڪار آهي. اغوا، ڦر ۽ چوري جي وارداتن سبب عوام عدم تحفظ جو شڪار آهن. هڪ ميڊيا رپورٽ موجب ته صرف ڪراچي ۾ گذريل سال شهرين کان 60 هزار موٽرسائيڪل لکين  موبائل فون، 04 هزار گاڏيون ۽ 115 کان وڌيڪ شهرين کي ڦر دوران مزاحمت تي گولين جو کاڄ بڻايو ويو جڏهن ته بئنڪن توڙي گهرن مان ڦرون ان کان سواءِ آهن. اها ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ گادي واري شهر جي صورتحال آهي ته پوءِ باقي سنڌ جي شهرن جي صورتحال ڇا هوندي؟

اهڙي طرح ڊالر جي اُڏام کان وٺي ڪيترائي ڀيرا آپريشن ڪرڻ باوجود بلوچستان توڙي ڪي پي جي اُترين علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڪابه گهٽتائي ڪونه اچي سگهي، ايران توڙي پاڪ-افغان سرحدن تي پڻ ڇڪتاڻ واري صورتحال جاري آهي، سياسي ڇڪتاڻ ۽ الزامن واري سياست ۾ عوام پريشان ۽ ملڪ عدم استحڪام جو شڪار رهيو جنهن جي ڪري پرڏيهي ۽ ملڪي سيڙپڪارن پئسو ٻاهر منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ڪير به ملڪ اندر سرمايو لڳائڻ لاءِ تيار ناهي جنهن جي ڪري ملڪي معيشت تيزي سان ڏيوالپڻي طرف وڌي رهي آهي.

پي ٽي آءِ کان پوءِ پي ڊي ايم جي 13 جماعتي اتحادي حڪومت به پنهنجي وڏين دعوائن جي باوجود ملڪي معيشت جي بهتري کان وٺي عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ تائين ڪو ٻوٽو ناهي ٻاري سگهي. انڪري صرف سال بدلجندو آهي باقي عوام جا سُور ساڳيا ئي هوندا آهن.البته حڪمران ٽولي۽انهن جي چمچن جي ملڪيتن ۾ اضافو ضرور ٿيندو آهي. تنهن هوندي اميد ڪري سگهجي ٿو ته نئين سال 2023ع ۾ عوام جي اهنجن ۾ گهٽتائي، محرومين جو خاتمو ۽ سنڌ سميت پاڪستان ترقي ڪندو ڇو ته چوندا آهن ته دنيا اُميدن تي قائم آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.