حڪومت پاران پيٽرول تي ليوي 70 کان 100 رپيا ڪرڻ جي رٿابندي

وفاقي حڪومت معيشت جي بحالي لاءِ رٿابندي ڪري ڇڏي آهي، پيٽروليم مصنوعات ۽ گيس تي پيٽروليم ليوي 70 کان 100 رپيا في ليٽر ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب سومر تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس م پيش ٿيل ان رٿابندي موجب پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي راشننگ جي ذريعي جاري کاتن جو خسارو پورو ڪيو ويندو.

رٿابندي تي عمل ڪندي قومي اسمبلي مان مني بجيٽ منظور ڪئي ويندي، مني بجيٽ منظور ٿيندي ئي آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي ۾ سموريون رنڊڪون ختم ٿي وينديون.

وفاقي حڪومت پاران معيشت جي بحالي جي 10 سالن جي تفصيلي رٿابندي موجب ٽارگيٽڊ سبسڊي رڳو گهٽ ڪمائيندڙ طبقي کي ڏني ويندي.

پيٽروليم مصنوعات ۽ گيس تي پيٽروليم ليوي 70 کان 100 رپيا في ليٽر ڪرڻ، دڪان وارن ۽ واپارين تي واڌو ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز آهي.

صوبن کي منتقل ٿيندڙ فنڊز گيس ۽ بجلي جي شعبي ۾ لائين لاسز سان ڳنڍيل آهن.

رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قدر جو تعين مارڪيٽ جي بنياد تي ڪرڻ، رياستي ناڻي ادارن کي خانگائڻ، مقامي ۽ پرڏيهي قرض جي ري اسٽرڪچرنگ جي تجويز به ان منصوبي ۾ شامل آهي.

ملڪي معيشت جي بهتري جو اهو منصوبو دوست ملڪن سان شيئر ڪري اسٽرڪچرڊ سپورٽ گهري ويندي، انهن ملڪن ۾ چين، يو اي اي، سعودي عرب، قطر، يورپي يوينن ۽ آمريڪا شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.