سڻڀيون پوسٽون ملڻ باوجود پِٽڪو، پ پ متحده کي ملندڙ فائدن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اتحادي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي کانپوءِ پ پ وفاقي حڪومت طرفان متحده کي ملندڙ فائدن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.

ذريعن موجب پ پ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رويي جي شڪايت وفاق ۽ گڏيل دوستن سان ڪري ڇڏي آهي ۽ گڏوگڏ ايم ڪيو ايم جي اتحادي بڻجڻ کانپوءِ ان کي ملندڙ فائدن جا تفصيل به شيئر ڪيا آهن.

پ پ طرفان جاري ٿيندڙ تفصيلن موجب صوبائي بجيٽ ۾ ايم ڪيو ايم جون اسڪيمون شامل ڪيون ويون، امين الحق ۽ فيصل سبزواري کي وفاقي وزير جو قلمدان ڏنو ويو، ايم ڪيو ايم جي خواهشن تي ڪامران ٽيسوري کي گورنر مقرر ڪيو ويو، مرتضيٰ وهاب کان استعيفيٰ ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي ورتي وئي، ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ايم ڪيو ايم جي سفارش تي لڳايو ويو، ٽن ضلعن ۾ ايڊمنسٽريٽر ايم ڪيو ايم جا لڳايا ويا.

تفصيلن ۾ چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي واپسي ۾ صوبائي حڪومت ڪردار ڪيو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي سفارشن تي آفيسر مقرر ڪيا ويا، رابطا ڪميٽي ميمبر محمد شريف، شڪيل احمد ڪورنگي ۽ اوڀر جا ايڊمنسٽريٽر لڳايا ويا، پ پ جي سفارش تي ايم ڪيو ايم جي 6 ميمبرن کي وفاق ۾ اهم عهدا ڏنا ويا، ايم ڪيو ايم جا قومي اسيمبلي ميمبر ابوبڪر، ڪشور زهرا اسٽينڊنگ ڪميٽين جا چيئرمين آهن.

تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جا قومي اسيمبلي ميمبر اساما قادري، صابر قائمخاني پارلياماني سيڪريٽري آهن، ايم ڪيو ايم جي سفارش تي صادق افتخار کي وزيراعظم جو خاص مددگار بڻايو ويو، گڏوگڏ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر جاويد حنيف پنهنجي ڀاءَ کي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪرايو، عارف حنيف ۽ عبدالمالڪ غوري ايم ڪيو ايم جي سفارش تي ميمبر بڻايا ويا.

اتحاد کانپوءِ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن جا مٽن مائٽن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.