ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نون ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي نوٽيس تي سنڌ حڪومت حيدرآباد سميت ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۽ ضلعي ڪورنگي جي ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن سميت اوڀر ضلعي ۽ ڪورنگي ضلعي جي نون مقرر ٿيل ايڊمنسٽريٽرز جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن ۾ سنڌ اندر مڪاني چونڊن کان اڳ نون ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري جو نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت کان جاري ٿيل حڪم واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي.