لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز جنيوا روانا ٿي ويا.
ذريعن موجب اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جنيوا ۾ هڪ هفتو ترسڻ جو امڪان آهي، جنيوا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر سان نواز شريف جي ملاقات جو به امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جون جنيوا ۾ ڪجهه ذاتي ملاقاتون به ٿي سگهن ٿيون.