آفاق احمد جو ايم ڪيو ايم پاڪستان جو حصو بڻجڻ کان ٺُپ جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم حقيقي جي چيئرمين آفاق احمد ايم ڪيو ايم پاڪستان جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آفاق احمد چيو ته مان مهاجر عوام جي خواهشن خلاف ڪنهن به فيصلي جو حصو نٿو بڻجي سگهان، گورنر ڪامران ٽيسوري تي واضح ٿو ڪيان ته اسان متحده جي جماعتن جي اتحاد جو حصو نه بڻجنداسين.

هن چيو ته مان اتحاد ۾ شموليت جي خبرن جي سختي سان ترديد ٿو ڪيان، ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اسان جو ڪو واسطو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.