ووٽ خريدڻ وارو معاملو، شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه خلاف ڪيس داخل ڪنداسين: شبلي فراز

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز جو چوڻ آهي ته هارس ٽريڊنگ جي الزام تي شرجيل ميمن ۽ ناصر حسين شاهه جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪنداسين. ناصر شاهه ۽ شرجيل ميمڻ ڏيڻ وٺڻ جا پروفيشنل ماهر آهن.

ميڊيا رپورٽس موجب سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسٽيبلشمنٽ سان رابطن جا خواهشمند ناهيون، ملڪ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهون ٿا.

شبلي فراز چيو ته ملڪ ۾ هن وقت معاشي ۽ هر طرح جو بحران آهي، ملڪ جي جيڪا صورتحال آهي سمورن ملڪن کي ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ملڪ انارڪي طرف وڃي رهيو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جيڪي ادارا ملڪ ۾ فوري چونڊون ڪرائي سگهن ٿا اهي ڪردار ادا ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.