سعودي عرب يورپي يونين ۽ فن لينڊ ۾ عورت سفيرن کي مقرر ڪري ڇڏيو.
هيفا الجديع ۽ نسرين ال شبيل ترتيب وار يورپي يونين ۽ فن لينڊ ۾ سعودي سفير طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون.
ٻنهي کان رياض جي اليمامه محل ۾ شاهه سلمان بن عبدالعزيز عهدن جو حلف ورتو.
يشرفني أن أرفع اسمى آيات الشكر والامتنان لمقام سيدي خادم الحرمين الشريفين ولمقام سمو سيدي ولي العهد حفظهما الله على الثقة الملكية الكريمة بتعييني سفيرة و رئيسة بعثة الاتحاد الاوروبي ، واسأل الله عز وجل ان يوفقني لخدمة هذا الوطن العزيز وان يهيئ لنا من امرنا رشدا 🇸🇦 https://t.co/RDKsJ9YB56
— HaifaAlJedea (@HJedea) January 3, 2023
هيفا الجديع يورپي يونين ۾ سعودي سفارتي مشن جي سربراهي ملڻ تي شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا.
واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ سعودي عرب جي عورت سفيرن جو انگ 5 ٿي ويو آهي.
سڀ کان اڳ 2019 ۾ شهزادي ريما بنت بندر کي آمريڪا لاءِ سعودي سفير مقرر ڪيو ويو هو.