بلاول جي تصوير تي علي زيدي ۽ ناصر شاهه آمهون سامهون

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري ۾ پرڏيهي وزير پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پيرين اگهاڙين ٻارن سان تصوير سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي.

رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي ڪنهن غريب ٻارن سان يڪجهتي تي کيس ساراهيو ته ڪنهن ٻارن جي خراب حالت تي بلاول کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ علي حيدر زيدي لکيو ته مينهن جي واڙي کان خراب حالت جي ڪلاس روم ۾ تصوير ٺاهيندڙ ان تصوير کي استعمال ڪندي عالمي فند گهرندو پر اهي فنڊز نه اسڪول پهچندا نه وري انهن ٻارن تائين پهچندا.

ان جي جواب ۾ سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه لکيو ته عوام جو پيار اهي محسوس نٿا ڪري سگهن جيڪي فوتين جي تعزيت لاءِ ماڻهن کي گهر گهرائيندا آهن، توهان ٻارن جا اگهاڙا پير ڏسو، اسان انهن جا چمڪندڙ چهرا ڏسنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.