اردگان پاڻ سڳورن صه جي پيغام کي هر هنڌ ڦهيلايو آهي کيس نوبل امن انعام ڏنو وڃي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ترڪيا جي صدر رجب طيب اردگان کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو.

صادق سنجراڻي نوبيل ڪميٽي کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نوبيل امن انعام اهڙن ماڻهن کي ڏنو ويندو آهي جن امن يا جاري تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو غيرمعمولي قدم کنيو هجي.

سندس چوڻ هو ته صدر رجب طيب اردگان جي نامزدگي روس يوڪرين ويڙهه کانپوءِ امن لاءِ سندس ڪردار ۽ ڪوششن جي روشني ۾ ڪئي وئي آهي، اِها ويڙهه تيزي سان ايٽمي فليش پوائنٽ ۾ تبديل ٿي وئي هئي ۽ سڄي دنيا لاءِ تباهي جو ڪارڻ بڻجي سگهي پئي.

هن چيو ته ترڪ صدر پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن، ٻنهي ڌرين سان وقت سر ۽ اثرائتن رابطن ذريعي دنيا کي وڏي تباهي کان بچايو، بيلڪ سي گرين  رٿا به ان خطي کي تباهه ڪندڙ ڏڪار کان بچايو.

سينيٽ چيئرمين چيو ته صدر اردگان هڪ سچو ۽ عوامي اڳواڻ آهي، هو نه رڳو پنهنجي ملڪ پر خطي سميت سڄي دنيا جي بهتري ۽ خوشحالي لاءِ سدائين ڪوششون ڪندو رهيو آهي، هو سموري انسانيت لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ محبت جي  نبي ڪريم صلعم جي حقيقي پيغام ۽ تعليم کي هر هنڌ ڦهلايو آهي.

هن چيو ته طيب اردگان جي اسلامي تعليم بابت غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون فخر جوڳيون آهن، کيس نوبيل انعام لاءِ نامزد ڪرڻ تي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ مون کي اميد آهي ته نارويجين نوبل ڪميٽي صدر اردگان جي عالمي امن لاءِ غيرمعمولي ۽ بي مثال ڪوششن تي ضرور غور ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.