يمنيٰ زيدي ڊرامن ۾ ڪاميابي کانپوءِ ڪهڙِي فلم ۾ ڊيبيو ڪندي؟

پاڪستاني مشهور ڊرامن جي اداڪارا يمنيٰ زيدي فلم انڊسٽري ۾ قدم رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب يمنيٰ زيدي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تان پنهنجي پهرين فلم جو پوسٽر شيئر ڪندي مداحن کي خبر ڏني ته هوءَ جلد نئين فلم ”ناياب“ ۾ ڊيبيو ڪرڻ واري آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Yumna Zaidi (@yumnazaidiofficial)

رپورٽ موجب اداڪارا فلم جي پرومو وڊيوشيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته هوءَ پاڪستان لاءِ پنهنجي پهرين فيچر فلم ”ناياب“ جو ٽائيٽل موشن شيئر ڪندي ڏاڍو خوش آهي، اها فلم سندس دل جي ويجهو آهي.

فلم جي پرومو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته يمنيٰ زيدي ان ۾ ڪرڪيٽر جو ڪردار ادا ڪندي ۽ اها فلم عورتن جي مضبوطي ، کيس بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڪيريئر جي واڌ ويجهه بابت آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Yumna Zaidi (@yumnazaidiofficial)

فلم جي ڪاسٽ ۾ يمنيٰ زيدي سان گڏ جاويد شيخ ۽ محمد فواد خان مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندا، فلم جو ڊائرڪٽر عمير علي آهي جڏهن ته فلم جا ليکڪ عباس نقوي ۽ باسط نقوي آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.