ڪراچي ٽيسٽ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ سعود شڪيل سست بيٽنگ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ دوران ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪندڙ نوجوان بيٽر سعود شڪيل چيو آهي ته هوم گرائونڊ تي پهرين سينچري اسڪور ڪرڻ جي خواهش پوري ٿي، چوٿين ڏينهن خسارو ختم ڪري سرسي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سعود شڪيل چيو ته بيٽنگ دوران سينيئر ساٿي سرفراز احمد تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ اعتماد ڏنو، ننڍي عمر کان سرفراز سان گڏ کيڏندو پيو اچان.

هن چيو ته ڪيوي بالر منهنجي خلاف پلان ڪري آيا هئا پر مان حالتن موجب راند کيڏي ۽ وڪيٽ کي محفوظ ڪندي رنسون ٺاهيون، منهنجو سٺو ڏينهن رهيو، ڪيچ به ڊراپ ٿيو.

سندس چوڻ هو ته سکڻ جو عمل جاري رهندو آهي، مان اڳتي به اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس، سست رفتاري سان بيٽنگ ڪري وڪيٽ تي بيهڻ ضروري هو، سوئيپ شاٽ تڏهن ئي کيڏندو آهيان جڏهن وڌيڪ رنسون نه ٺهنديون هجن.

سعود شڪيل چيو ته چوٿين ڏينهن لاءِ حڪمت عملي جوڙينداسين، ڪوشش هوندي ته مخالف ٽيم خلاف سرسي حاصل ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.