ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي وفد ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ملاقات کان معذرت ڪري ڇڏي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ محمد زبير چيو ته وفاقي وزير اياز صادق ايم ڪيو ايم سان رابطي ۾ آهي، وزيراعظم پڻ ايم ڪيو ايم جي صورتحال کان آگاھه آهي.
اڳوڻي گورنر سنڌ موجب ايم ڪيو ايم وارا دوست آهن انهن سان ڪنهن ڏينهن ملي وٺبو. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي اتحادي تنظيمون آهن، مسلم ليگ ن مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
ياد رهي ته ايم ڪيو ايم طرفان تڪ بندين خلاف احتجاج جي مسلم ليگ ن کي دعوت ڏيڻي هئي.