برلن (ويب ڊيسڪ) روس ۽ يوڪرين وچ ۾ هلندڙ جنگ جرمني جي معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو.
پرڏيهي خبرن موجب جرمني ۾ مهانگائي 70 سالن ۾ چوٽ چڙهي وئي.
2021 ۾ جرمني ۾ مهانگائي جي شرح 3.1 سيڪڙو هئي، روس ۽ يوڪرين وچ ۾ هلندڙ جنگ جنگ سبب 2022 ۾ جرمني جي مهانگائي ۾ 7.9 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب 1951 ۾ جرمني ۾ ساليانو مهانگائي 7.6 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي، مهانگائي ۾ واڌ جو سبب توانائي ۽ کاڌ خوراڪ جا وڌندڙ اگھه آهن.