ٿڌ اڃا وڌندي، موسميات کاتي ڪراچي واسين کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  موسميات کاتي ڪراچي واسين کي خبردار ڪندي چيو آهي شهر ۾ ٿڌ جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ ايندي ۽ گرمي پد 8 کان 10 ڊگري تائين ڪِري سگهي ٿو.

چيف ميٽرولاجسٽ ڊاڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اتر کان خشڪ هوائون هلڻ لڳيون آهن، جنهن سان ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي.

سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته 1991ع ۾ ڪراچي جو گرمي پد 2.3 سينٽي گريڊ ۽ 21 جنوري 1934 ۾ زيرو رڪارڊ ڪيو ويو هو.

ڊي جي ميٽ موجب ڪراچي ۾ اڄ کان ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 کان 10 تائين ڪري سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.