پي ٽي آءِ وائيٽ پيپر سان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: اسحاق ڊار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تحريڪ انصاف جي وائيٽ پيپر کي گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ن ليگ جي گذريل دور ۾ ملڪي معيشت تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي هئي، ن ليگ جي دور ۾ معاشي اوسر جي شرح 6.1 سيڪڙو هئي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ کي 2018 ۾ مستحڪم معيشت ملي ۽ ان پنهنجي دور ۾ تنقيد کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، وائيٽ پيپر ۾ ٻوڏ ۽ عالمي سطح تي تيل اگهن ۾ واڌ جو ذڪر نه ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا ڏنل معاشي انگ اکر درست ناهن، پي ٽي آءِ درآمدن ۽ برآمدن جي حوالي سان به گمراهه ڪري رهي آهي، ڏيوالي جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، پاڪستان جو ڏيوالو نه ٿيندو.

اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ 2019 ۾ معاشي اوسر جي شرح گهٽ ڪري 3.13 تي آڻي ڇڏي، وياج جي شرح 15 سيڪڙو تي کڻي وئي، انهن جي دور ۾ دوائن جي اگهن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ٿي، عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي دور ۾ دهشتگردي جي فضا هئي، پي ٽي آءِ ڪنهن سيڪيورٽي آپريشن لاءِ فنڊ نه رکيا، لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ڌيان نه ڏنو.

هن چيو ته هلندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر اوڳاڙين جو هدف 7470 ارب رپيا مقرر ڪيو آهي، موجوده حڪومت مختصر وقت ۾ 3000 ارب کان وڌيڪ اوڳاڙيون ڪيون.

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ”پي ٽي آءِ وائيٽ پيپر سان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: اسحاق ڊار“ اسحاق ڊار جي به ڏار ڏسي ڇڏيسين. ڪوڙو قيصر لنڊ هن جي پتلون جي پوئين کيسي ۾ پيل آھي. پاڻ ڊاڙ هڻي ماڻھن کي خوب گمراھ ڪري کيس ڪو شرم ڪونَ ٿو اچي. ڊالر ڊنو ته ڪون ليڪ اسحاق ڊار ڊالر کان ڊڄي نواز شريف جي پتلون پويان وتي ٿو لڪندو. کلا ٿي کوٻلا ڄاڻ ڀڳين برطانيا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.