هاڻي رڳو فنگر پرنٽ سان بلڊ پريشر ڄاڻي سگهبو

بلڊ پريشر ۾ واڌ يا گهٽتائي ٻئي صحت لاءِ هاڃيڪار ٿيندا آهن.

رپورٽ موجب بلڊ پريشر کي چيڪ ڪرڻ لاءِ مخصوص مشين جو استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن جو ڪف ٻانهن جي مخصوص حصي تي رکي ريڊنگ حاصل ڪئي ويندي آهي.

هاڻي دنيا جو پهريون ڪف ليس بلڊ پريشر مانيٽر تيار ٿي ويو آهي جنهن تي رڳو آڱر رکي بلڊ پريشر ريڊنگ ڄاڻڻ ممڪن ٿي ويندو.

ڪمپني موجب ٻانهن جي مٿين حصي تي ڪف رکڻ جي جڳهه تي هاڻي مانيٽر سان بلڊ پريشر کي فنگر پرنٽ ٽپ ڪلپ سان ڄاڻڻ ممڪن ٿيندو. اهڙو طريقو هن وقت تائين دل جي رفتار ڄاڻڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي پر ان سان بلڊ پريشر ڄاڻڻ سولو ٿي ويندو.

ان ڊيوائيس کي اڃا اختيارين منظوري ناهي ڏني پر ڪمپني چيو آهي ته ڊيوائيس ۾ موجود سينسرز رت جي وهڪري جي جاچ ڪري سگهندا.

ان کانسواءِ تفصيل هڪ الگورٿم تائين پهچندا آهن جيڪو مختلف عنصرن کي نظر ۾ رکندي بلڊ پريشر ريڊنگ ٻڌائيندو.

ڊيوائيس جي سنسرز جي تربيت لاءِ هاءِ بلڊ پريشر جي 7 هزار مريضن جي ڊيٽا فراهم ڪئي وئي هئي. ان جو اگهه 99 ڊالرز رکيو ويو آهي پر ان جو وڪرو طبي ريگيوليٽري جي منظوري کانپوءِ شروع ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.