مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ خالد مقبول جي حافظ نيعم سان ملاقات بنا نتيجي ختم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ )مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي جي ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي مرڪزي آفيس پهتو ۽ حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات ڪري کيس نوَ جنوري تي رٿيل احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ خالد مقبول صديقي چيوته تڪبندين ۽ ووٽر لسٽن ذريعي پري پول رِگنگ ٿي چڪي آهي، ڇا اهڙي چونڊ منصفاڻي ۽ قابل قبول هوندي؟ اسان به چاهيون ٿا ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿين.

خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته جماعت اسلامي وارن جي پاليسي جي اسان کي تفصيلي ڄاڻ آهي، هُنن غور ۽ همدردي سان اسان جو ڳالهيون ٻڌيون، ٻئي پارٽيون اِهو تسليم ڪن ٿيون ته بنيادي جهموريت ئي اصل جهموريت آهي، جاگيردراڻي جهموريت وارا ماڻهو بنيادي جهموريت کي خطرو سمجهن ٿا.

حافظ نعيم چيو ته اليڪشن جو ملتوي ٿيڻ ڪنهن صورت قبول نه آهي. مڪاني چونڊن جو ٿيڻ نه ٿيڻ کان بهتر آهي، اسان به انهن ووٽر لسٽن خلاف عدالت سان رابطو ڪيو هو، 2013ع 2015ع ۽ 2018 واريون چونڊون به غير منظور ٿيل آدمشماري جي بنياد تي ٿيون، ڪراچي واسي پنهنجا مڪاني نمائندا چاهين ٿا جيئن مسئلا حل ٿي سگهن.

سندس چوڻ هو ته چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اسان ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ڪنداسين، اسان سمجهون ٿا ته پارٽيون پنهنجي، پنهنجي پليٽ فارم تان مسئلن خلاف آواز اُٿارن، اسان سڀاڻي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.