بي شرم رنگ ڪاپي ڪرڻ جو معاملو، سجاد علي ڪاوڙجي پيو، وڊيو بيان جاري

 

پاڪستان جي مشهور ڳائڻي سجاد علي تازو سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران ڀارتي فلم ”پٺان“ جي گاني ”بي شرم رنگ“ جي ميوزڪ نقل ڪرڻ بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو.

سماجي رابطن جي ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي سجاد علي وضاحت ڏيندي چيو ته هن ڪڏهن چيو ته سندس گاني جي نقل ڪئي وئي آهي؟ هن ته اهو چيو هو ته گانو ٻڌي کيس پراڻو گانو ياد آيو.

هن چيو ته مان پنهنجي پراڻي وڊيو ۾ نه ڪنهن ڳائڻي جو نالو ورتو آهي، نه گاني، نه ميوزڪ ڊائريڪٽر ۽ نه اداڪار جو نالو ورتو آهي.

سجاد علي چيو ته مان پنهنجي وڊيو ۾ چيو هو ته گانو ٻڌي مونکي پنهنجو پراڻو گانو ياد اچي ويو، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ 80 سيڪڙو جيڪي گانا ٺهندا آهن اهي هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ هوندا آهن، گاني جي پهرين لائين سان ماڻهن سمجهيو ته منهنجو گانو ڪاپي ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته نه مان اهڙو ڪو بيان ڏنو آهي نه وري ڏيندو آهيان، منهنجي گاني جي نقل ناهي ڪئي وئي ۽ نه مان اهڙو ڪجهه چيو آهي

هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهڙا بيان جاري ڪري کيس سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي ضرورت ناهي، جڏهن 90 جي ڏهاڪي ۾ سندس سمورا گيت ڪاپي ٿيندا هيا نه تڏهن ڪجهه چيو ۽ نه وري هاڻي ڪجهه چوندس.

هن ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻهو چئي رهيا آهن ته هن مهدي حسن جو گانو ڪاپي ڪيو آهي جڏهن ته اهو غزل احمد فراز جو آهي ۽ ڪنهن هڪ غزل کي مختلف گلوڪار مختلف ميوزڪ سان ڳائي سگهن ٿا ان کي ڪاپي ڪرڻ نه چئبو

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گلوڪار سجاد علي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فلم پٺان جو گانو ٻڌي لکيو ته کيس پنهنجو گانو ياد اچي ويو جنهن تي ٽوئيٽر واهپيدارن بالي ووڊ جي گاني کي سجاد علي جي گاني جي ڪاپي قرار ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.