لاهور (ويب ڊيسڪ) گنگا رام اسپتال جي هاسٽل ۾ ڊاڪٽرياڻي سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي.
پوليس موجب ڊاڪٽرياڻي واقعي جو ڪيس سول لائنز ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو آهي، جنهن موجب اڻڄاتل ڇوڪري دَر کڙڪايو، در کوليو ته هو ڪمري ۾ گهڙي آيو ۽ زيادتي جي ڪوشش ڪئي.
ايف آءِ آر ۾ عورت موقف اختيار ڪيو آهي ته مان ڇوڪري کي ڌڪو ڏئي گيلري رستي ٻئي ڪمري ۾ وڃي پاڻ بچايو، اڻڄاتل ڇوڪري مون کي قتل ڪرڻ جون به ڌمڪيون ڏنيون.