هاڻي ڪير 25 ڪروڙ به ڏيندو ته ننڍو ڪردار نه ڪندس: نوازالدين صديقي

ڀارتي اداڪار نوازالدين صديقي جو چوڻ آهي ته جيئن هاڻي ڪير به کيس 25 ڪروڙ ڏيندو تڏهن به هو ننڍو ڪردار ادا نه ڪندو.

ڀارتي ميڊيا موجب ڳالهه ٻولهه دوران اداڪار نوازالدين صديقي پنهنجي ڪيريئر سميت ملڻ وارن ڪردارن بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته انڊسٽري ۾ گهاريل وقت جي دوران هن اهڙيون ڪيتريون ئي فلمون ڪيون آهن جتي ننڍا ڪردار مليا پر هاڻي هو مڪمل ٿي چڪو آهي هاڻي ڪير به کيس 25 ڪروڙ ڏئي تڏهن به ننڍو ڪردار نه ڪندو.

هن چيو ته سندس خيال آهي ته پيسا يا شهرت توهان جي ڪم جو رڳو هڪ پراڊڪٽ آهي، جيئن توهان ڪم سٺو ڪيو ته پيسا ۽ شهرت توهان جي پٺيان ڀڄندي پر جيئن توهان انهن جي پٺيان ڀڄندئو ته ڪڏهن به ان کي حاصل نه ڪري سگهندئو ان لاءِ ڪم سٺو ڪيو.

ڀارتي اداڪار جو چوڻ آهي ته اسان ڪڏهن ڪڏهن سڄي زندگي پيسي ۽ شهرت جي پٺيان ڀڄندا آهيون پر تڏهن به حاصل نه ڪري سگهندا، هن چيو ته مونکي يقين آهي ته پاڻ کي وڌايو ته پيسا ۽ شهرت توهان جي غلام ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.