لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
زلزلي ماپيندڙ مرڪز موجب لاهور، شيخوپورا ۽ چنيوٽ سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا هلڪا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
زلزلي ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 4.2 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جو مرڪز پاڪستان ۽ ڀارت جو سرحدي علائقو هو.
زلزلي ۾ ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جي اڃا تائين ڄاڻ ناهي ملي .